ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)موسميات کاتي ملڪ جي وڏي شهر ڪراچي ۾ رات جي وقت برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي.قائداعظم ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 29 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو جڏهن ته وڌ ۾ وڌ گرمي پد 33 کان 35 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي.ڪراچي ۾ هوائون ڏکڻ اولهه کان 18 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهيون آهن، هوا ۾ نمي جو تناسب 72 سيڪڙو آهي.










