ڪراچي )اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ قائد آباد ويجهو 30 کان وڌيڪ جھوپڙين کي لڳل باهه تي ضابطو آندو ويو، فائر برگيڊ جي 7 گاڏين باهه وسائڻ ۾ حصو ورتو.رپورٽن مطابق باهه لڳڻ سبب هڪ عورت ۽ 2 ٻارڙا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.پوليس جو چوڻ آهي ته هي جھوپڙا ڏيڍ کان ٻه ڪلوميٽر جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهن.ٻئي طرف متاثرن جو چوڻ آهي ته باهه لڳڻ سبب سندن 30 کان وڌيڪ جھوپڙا سڙي ويا آهن ۽ گهرن ۾ پيل سمورو سامان پڻ سڙي ويو آهي.متاثرن جو چوڻ هو ته باهه ۾ سمورو ذخيرو سڙي ويو.










