ڪراچي ۾ جمعي تائين گرميءَ جي شدت وڌڻ جو امڪان

ڪراچي ۾ جمعي تائين گرميءَ جي شدت وڌڻ جو امڪان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) موسميات کاتي ڪراچي ۾ جمعي تائين گرميءَ جي شدت وڌيڪ رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي، جڏهن ته شهر ۾ گرمي پد 38 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو خدشو آهي. موسميات کاتي موجب ڪراچي هن وقت گرم ۽ خشڪ موسم جي لپيٽ ۾ آهي. جمعي تائين گرمي پد 38 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو، جڏهن ته جمعي کانپوءِ پارو 34 کان 36 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ رات جي وقت ٿڌڪار شروع ٿي وئي آهي ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ رات جو گرمي پد گهٽجي 22 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو. کاتي موجب نومبر ۾ رات جو گرمي پد معمول مطابق 17.7 ڊگري ۽ ڏينهن جو 32.6 ڊگري سينٽي گريڊ هوندو آهي، پر هن سال نومبر ۾ ڏينهن ۽ رات جو گرمي پد معمول کان وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته نومبر دوران ڏينهن جو گرمي پد 33 کان 35 ڊگري سينٽي گريڊ ۽ رات جو گرمي پد 19 کان 22 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو