ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)وڌندڙ مهانگائي کان پريشان ڪراچي جي شهرين لاءِ بجلي سستي ڪرڻ جي خوشخبري سامهون اچي وئي آهي.ڪراچي ۾ بجلي 4 رپيا 21 پئسا سستي ٿيڻ جو امڪان آهي.ان حوالي سان ڪراچي کي بجلي فراهم ڪندڙ اداري ڪي اليڪٽرڪ نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) کي بجلي سستي ڪرڻ لاءِ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي.نيپرا موجب ڪي اليڪٽرڪ اها درخواست آگسٽ جي فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ کي نظر ۾ رکندي ڪئي آهي.نيپرا اهو به چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جي درخواست تي ٻڌڻي 29 سيپٽمبر تي ٿيندي.جيڪڏهن ڪي اليڪٽرڪ جي اها درخواست منظور ٿي وڃي ته ڪراچي جي صارفين کي 7 ارب 21 ڪروڙ رپين جو رليف ملندو.










