ڪراچي ۾ اڄ ۽ سڀاڻي گرمي وڌڻ جو امڪان

ڪراچي ۾ اڄ ۽ سڀاڻي گرمي وڌڻ جو امڪان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)موسميات کاتي ڪراچي ۾ اڄ ۽ سڀاڻي گرمي وڌڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته هوائن جي تبديلي سبب ڪراچي ۾ اڄ گرمي پد 33 کان 35 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڌڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب خميس تي شهر قائد ۾ پارو 34 کان 36 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي.ٻئي طرف بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ گذريل ڏينهن کان هلڪي ۽ ڪٿي تيز برسات جو سلسلو جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو