ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ اڄ منجهند کان طوفاني برساتن جو نئون سلسلو شروع ٿي ويندو، رات دير تائين تيز برسات جو سلسلو شروع ٿي سگهي ٿو.رپورٽن مطابق برساتن جو سلسلو 18 جولاءِ تائين جاري رهي سگهي ٿو، نئون سسٽم 23 جولاءِ کان ملڪ ۾ داخل ٿيندو.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته جولاءِ ۾ هڪ يا ٻه ڏينهن برسات نه پوندي، آگسٽ جي وچ تائين هڪ کان پوءِ ٻيو اسپيل اچي ويندو. موسميات جي ماهرن موجب ڪراچي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ 80 کان 90 ملي ميٽر ۽ ڪجهه علائقن ۾ 100 ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات پئجي سگهي ٿي.










