ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ملڪ جا اڪثر علائقا سخت گرمي جي لپيٽ ۾ آهن، شهر قائد ۾ اڄ به گرمي جي لهر برقرار رهندي. موسميات کاتي موجب ڪراچي اڄ به سخت گرمي جي لپيٽ ۾ رهندو جنهن کي نظر ۾ رکندي ماهرن عوام کي ڏينهن دوران احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته مٿانهين، وچ، ڏکڻ پنجاب ۽ بلوچستان ۾ ڏينهن جو گرمي پد معمول کان 6 کان 8 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ رهندو. اپر پنجاب، اسلام آباد، خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ ڏينهن جو گرمي پد معمول کان 5 کان 7 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي.










