ڪراچي ۾ اڄ به تيز برسات جو امڪان آهي: موسميات کاتو

ڪراچي ۾ اڄ به تيز برسات جو امڪان آهي: موسميات کاتو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي مختلف علائقن نارٿ ناظم آباد، ملير، قائد آباد ۽ سپر هاءِ وي سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ هلڪي برسات پئي. موسميات کاتي اڄ تيز برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.موسميات کاتي موجب هوا جو گهٽ دٻاءُ شدت اختيار ڪري ويو آهي، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ تيز برساتن سبب شهري ٻوڏ جو خدشو آهي. ڪراچي ۾ ڊپٽي ڪمشنر سائوٿ آفيس ۽ ڪورنگي ۾ وڌيڪ 2 برساتي آبزرويٽريون لڳايون ويون، جنهن کانپوءِ شهر قائد ۾ رين آبزرويٽرن جو انگ 18 ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو