ڪراچي ۾ ايندڙ هفتي گرمي ۾ واڌ جو امڪان

ڪراچي ۾ ايندڙ هفتي گرمي ۾ واڌ جو امڪان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ايندڙ 5 کان 6 ڏينهن تائين موسم معتدل رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته 6 يا 7 آڪٽوبر کان شهر ۾ گرمي پد وڌڻ جو امڪان آهي. موسميات جي تجزيه نگار جو چوڻ هو ته ڀارتي گجرات ۾ پوسٽ مون سون سسٽم سبب سامونڊي هوائن تي اثر پوڻ جو امڪان آهي، اولهه واري هوائن جو سسٽم اڄ رات کان ملڪ جي اترين علائقن تي اثر انداز ٿي سگهي ٿو.موسميات جي تجزيه نگار جو چوڻ آهي ته مغربي هوائن جو وچولو سسٽم 48 کان 72 ڪلاڪن تائين برقرار رهي سگهي ٿو، سسٽم تحت خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان، مٿانهين پنجاب ۾ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي، اهو سسٽم آچر تائين سخت رهندو.اترين علائقن ۽ جبلن تي به برفباري ٿي سگهي ٿي، پنجاب، بلوچستان ۽ سنڌ ۾ موسم گرم رهڻ جو امڪان آهي، آڪٽوبر ۾ 4 کان 5 مغربي هوائن جو نظام اترين علائقن کي متاثر ڪري سگهي ٿو.موسميات جي تجزيه نگار جو چوڻ آهي ته آڪٽوبر ۾ الهندي هوائن جو 1 کان 2 سسٽم سنڌ ۽ بلوچستان کي متاثر ڪري سگهي ٿو، ڏکڻ اوڀر سنڌ ۽ ساحلي علائقن ۾ 1 کان 2 سسٽم برسات جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو