ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي، لاهور ۽ راولپنڊي سميت ملڪ جي اڪثر شهرن ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۾ اضافو ٿي ويو آهي.پاڪستان جي وڏن شهرن ۾ گرمين ۽ رمضان المبارڪ ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين بجلي جي بندش سبب ماڻهو پريشان آهن ۽ شڪايتون ڪري رهيا آهن ته بجلي جا وڏا بل اچن ٿا پر بجلي نٿي اچي. وقت تي آرڊر نه ملڻ سبب واپاري ۽ درزي پڻ سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن.ٻئي طرف ليسڪو اختيارين بجلي جي ڪوٽا ۾ فوري واڌ جو مطالبو ڪيو آهي، جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته نيشنل گرڊ مان 300 ميگاواٽ بجلي جي کوٽ آهي، ڪجهه علائقن ۾ لوڊشيڊنگ جو مدو عارضي طور وڌايو ويو آهي.










