ڪراچي جي گهڻ ماڙ ڪاروباري عمارت ۾ باهه،ريسڪيو عمل جاري

ڪراچي جي گهڻ ماڙ ڪاروباري عمارت ۾ باهه،ريسڪيو عمل جاري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي اولڊ سٽي ايريا ۾ ايم اي جناح روڊ تي هڪ گهڻ ماڙ عمارت ۾ باهه لڳي وئي.ڪراچي صدر ويجهو ايم اي جناح روڊ تي رمپا پلازه ۾ باهه لڳڻ جي اطلاع تي فائر برگيڊ ۽ فائر برگيڊ جون اڌ درجن کان وڌيڪ گاڏيون موقعي تي پهچي ويون.ايڌي فائونڊيشن جي ترجمان موجب، انهن جون ڪيتريون ئي گاڏيون ۽ رضاڪار به واقعي واري هنڌ موجود آهن.حاصل ڪيل فوٽيجز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته رمپا پلازه جي عمارت ۾ باهه جا شعلا بلند ٿي رهيا آهن، فائر برگيڊ عملدارن موجب باهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ 6 فائر ٽينڊرز مصروف آهن.رامپا پلازا ۾ ڊاڪٽرن جون ڪلينڪون، مختلف ڪاروباري آفيسون ۽ خانگي ڪمپنين جون آفيسون آهن.پوليس اختيارين موجب باهه جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو آهي ۽ نه ئي فوري طور تي ڪنهن جاني نقصان جو اطلاع مليو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو