عامر جون 4 وڪيٽون، بابر جي ففٽي ڪراچي جي زلمي کي شڪست

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پشاورل زلمي ۽ ڪراچي ڪنگز ۾ راولپنڊي ۾ کيڏيل پي ايس ايل جي 15هين ميچ ۾ ڪراچي ڪنگز 6 وڪيٽن تان پشار زلمي کي شڪست ڏئي ڇڏي. محمد عامرمين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. ڪراچي جي شروعات سٺي نه ٿي شرجيل خان 3 بالن تي 4 رنز ٺاهي حسن علي جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿيو. بابر اعظم 10 چوڪن جي مدد سان 59 بالن تي 70 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، ايلڪس هيلز ٻن ڇڪن ۽ 6 چوڪن جي مدد سان 27 بالن تي 49 رنز ٺاهيون ته ياسر شاهه بولڊ ڪيس.

چيڊوڪ والٽن 4 چوڪن جي مدد سان 22 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو. ڪراچي 18.1 اوورز ۾ ميچ کٽي ورتي. ياسر شاهه 2 ۽ حسن علي هڪ وڪيٽ ورتي. ان کان اڳ ڪراچي ڪنگز ٽاس کٽي پشاور زلمي جي ڊيرن سيمي جي جاءِ تي ڪپتاني ڪندڙ وهاب رياض کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. پشاور زلمي 20 اوورز ۾ 8 وڪيٽن تي 151 رنز ٺاهيون اوپنر ناڪام رهيا ٽوم بينٽن عامر جي پهرين بال تي ايل بي ڊبليو ٿيو، ڪامران اڪمل 8 بالن تي 4 رنز ٺاهي عامر يامين جي بال تي بابر اعظم هٿان ڪيچ ٿيو. حيدر علي به 4 رنز ٺاهي محمد عامر جي بال تي بولڊ ٿيو، شعيب ملڪ بهترين اننگ کيڏي. 55 بالن تي 68 رنز ٺاهي جورڊن جي بال تي ڪيچ ٿيو. ليم لونگسٽون 20 بالن تي 25، ليوائس گريگوري 22 بالن تي 25 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيا.ڪارلوس، وهاب رياض، حسن علي ۽ ياسر شاهه ڊبل اسڪور ۾ به نه ويا. محمد عامر 25 رنز ڏئي 4، ڪيس جورڊن 33 رنز تي 2، عامر يامين 22 ۽ عمر خان 40 رنز ڏئي هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو