ليکڪ: اعجاز مهر
اڄوڪي يعني 27 جولاءِ 2026 تي انگريزي اخبار ايڪسپريس ٽريبيون جي ايڊيٽوريل ۾ ڪراچي کي ڌار صوبو ٺاهڻ جي کلم کلا حمايت ايئن ڪئي وئي آهي، ڄڻ هي ڪنهن ايڊيٽر جو لکيل ليک نه پر ايم ڪيو ايم جي ڪنهن ڪارڪن جو بيان هجي.
اسين سنڌ واسي ان جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا ۽ ان کي صحافتي بداخلاقي ۽ بي ايماني به سمجهون ٿا. هي ايڊيٽوريل تعصب پرست سوچ جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ پنهنجي مطلب جا هڪ طرفا دليل ڏئي حقيقتن کي نطر انداز ڪيو ويو آهي.
ايڊيٽوريل ۾ چيو ويو آهي ته ’اجتماعي ڀلائي لاءِ اختيارين جي ورهاست‘ لاءِ ڪراچي کي ڌار صوبو ٺاهڻ گهرجي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ملڪ جي ڪل آبادي جي اڌ کان به وڌيڪ آبادي تي مشتمل پنجاب کي ان اصول جي بنياد تي ورهائڻ جي ڳالهه ڇو نٿي ڪئي وڃي؟
ڇا ايڊيٽر کان اهو وسري ويو آهي ته جنرل مشرف جي دور ۾ ڪراچي جي سڀني ضلعن کي ختم ڪري هڪ ضلعو ايم ڪيو ايم ٺاهيو هو ته اها مرڪزيت هئي يا اختيارن جي ورهاست؟
ايڊيٽوريل ۾ ڀارت ۾ 1947 بعد 15 اسٽيٽس ٺهڻ جو دليل ڏيندي ڪراچي کي ايم ڪيو ايم لاءِ ڌار صوبو ٺاهي ڏيڻ جو دليل ڏنو ويو آهي. ڀارت ۾ لساني بنيادن تي يا ڪنهن مخصوص سياسي ٽولي جي مطالبي تي صوبا يا رياستون نه ٺاهيون آهن. هتي اهم سوال اهو به آهي ته ته جيڪي سنڌي هندو ورهاڱي وقت هندستان لڏي ويا، ڇا انهن صوبي جو مطالبو ڪيو؟
انهن سنڌي هندن ته زيرو کان زندگي شروع ڪئي ۽ اڄ هندوستان ۾ تعليم ۽ صحت سميت مختلد شعبن ۾ شاندار رٿائون ٺاهي هندوستان جي خدمت ڪئي؟ ’مهاجرن‘ ڇا ڏنو پاڪستان کي يا سنڌ کي، نفرت، ڪرائيم، ٻوري بند لاش، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ڀتا خوري؟
ڳالهه اها آهي ته ٽئين نسل جي جوان ٿيڻ بعد به پاڻ کي مهاجر سمجهندڙ ’هڪ بدبودار سوچ‘ وارن ماڻهن کي نسلي بنياد تي پنج هزار سال پراڻي وطن، سنڌ کي ورهائڻ جو ڪهڙو جواز آهي؟
ڪوڙن ڪليمن تي اربين روپين جي سنڌ جي پراپرٽي جا مالڪ بڻيل هن نسل پرست ٽولي اڄ تائين نه سنڌي ٻولي قبول ڪئي، نه سنڌي ڪلچر ۽ سماج جو حصو بڻيا ۽ نه ئي سنڌي ماڻهن کي برابر جو شهري تسليم ڪيو. هن مائينڊ سيٽ جي ماڻهن لاءِ ڌرتي وطن نه پر هڪ پلاٽ برابر آهي، جنهن کي هو چائنا ڪٽنگ سمجهي ورهائڻ جي ڳالهه ٿا ڪن.
هتي مان وضاحت ڪندو هلان ته سڀ اردو اسپيڪنگ پاڻ کي ائين مهاجر نه ٿا سمجهن، جيئن ايم ڪيو ايم پاڪستان جا دعويدار سمجهن ٿا. اسانجا ڪافي اردو ڳالهائيندڙ، دانشور، صحافي، ڪامورا ۽ ڪاروباري ماڻهوروشن خيال به آهن ۽ انهن مان ڪيترائي سنڌ ڌرتي کي ڪافي سنڌين کان وڌيڪ پنهنجي ماءُ ۽ وطن سمجهن ٿا. هتي اسين رڳو ان سوچ جي حامين تي تنقيد ٿا ڪريون جيڪي ڪنهن به بنياد تي ڪراچي کي ڌار صوبو ٺاهن ۽ سنڌ کي ورهائڻ جي ڳالهه ڪن ٿا.
ايڪسپريس جي ايديٽوريل ۾ هڪ اهم نقطو اهو اٿاريو ويو آهي ته ڪراچي، قومي آمدني جو 60 سيڪڙو ۽ سنڌ جي آمدني جو 90 سيڪڙو جنريٽ ڪري ٿو.
ايڊيٽر صاحب، جنريٽ ۽ ڪليڪٽ ڪرڻ ۾ وڏو فرق آهي، اوهانکي خبر آهي ته گهڻيون شگر ملز، ڪاٽن ملز، آئل ملز، فرٽيلائيزر، بجلي گهر سنڌ ۾ آهن؟ ڪراچي ۾ ڪسٽم ڊيوٽي پوري پاڪستان جي وصول ٿئي ٿي، جنهن ۾ اڌ کان وڌيڪ مال ته پنجاب جو امپورٽ يا ايڪسپورٽ ٿئي ٿو، ڇا اهو به اوهان کان وسري ويو؟
ها انهن ڪاروبارن جون آفيسون ڪراچي ۾ آهن ۽ هو ٽيڪس ڪراچي ۾ جمع ڪرائين ٿا ته ان لحاظ کان ڪراچي هڪ ڪليلڪشن پوائنٽ آهي، نه ڪي جنريشن پوائنٽ.
سنڌ جي معيشت جو وڏو دارو مدار زراعت تي آهي، جنهن لاءِ مختلف فصلن جا ٻج. زرعي دوائون، فرٽيلائيزر استعمال ٿين ٿا، جن جون به آفيسون ڪراچي آهن، ڇا ڪڻۡڪ، ڪمند، ڪپهه، داليون، ڀاڄيون، ميوا سڀ ڪراچي ۾ ٿين ٿا؟ ائين هرگز ناهي ۽ اوهانجو اهو دليل يا ته ناسمجهي آهي، اڻ ڄاڻائي آهي يا ڄاڻي واڻي اوهان لکيو آهي، ان جو فيصلو اوهين پاڻ ڪجو، ڇو ته نيت جي خبر هڪ الله کي ۽ ٻيو واسطيدار فرد کي هوندي آهي.
جيستائين تعلق آهي گورنيسن بهتر ڪرڻ، اختيارن جي هيٺين سطح تي منتقلي ۽ عوام جي ڀلائي، ته ان لاءِ ٻيا ڪافي متبادل موجود آهن.










