ڪراچي ڏکڻ، 433 خطرناڪ عمارتون ڊاهڻ جو فيصلو

ڪراچي ڏکڻ، 433 خطرناڪ عمارتون ڊاهڻ جو فيصلو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڊسٽرڪٽ سائوٿ ۾ غير قانوني عمارتن جي خلاف مهم جاري آهي ۽ 433 اهي عمارتون جن کي خطرناڪ قرار ڏنو ويو آهي انهن کي ڊاهڻ لاءِ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي سان گڏجي ڪارروائي ڪئي ويندي. اها ڳالھ ڊپٽي ڪمشنر سائوٿ ڪيپٽن رٽائرڊ عبدالستار عيساڻي اڄ هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. ان موقعي تي اي ڊي سي 1 تبريز صادق مري، اي ڊي سي 2 سميع الله، ضلع سائوٿ جي سمورن اسسٽنٽ ڪمشرز ۽ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊائريڪٽر، ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ ٻيا ٽيڪنيڪي ماهر به موجود هئا. عبدالستار عيساڻي چيو ته 433 خطرناڪ قرار ڏنل عمارتن کي ڊاهڻ لاءِ انتظاميا ۽ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جو هڪ پيج تي هجڻ ضروري آهي هن چيو ته ڊسٽرڪٽ سائوٿ ۾ 40 غير قانوني عمارتون آهن انهن جي خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ انهن کي سيل ڪري سمورن غير قانوني پورشنز کي ڪيرايو ويندو. هن چيو ته ان حوالي سان سمورن عمارتن جا قانوني ڪاغذ چڪاسڻ وارو عمل جاري آهي. ڊپٽي ڪمشنر سائوٿ وڌيڪ چيو ته ڪمرشل ۽ نان ڪمرشل عمارتن جي بيسمنٽ ۾ پارڪنگ جي جاءِ تي غير قانوني گدام قائم ڪيا ويا آهن انهن جي خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي. اجلاس ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽ سان گڏجي غير قانوني عمارتن کي ڊاهڻ لاءِ هڪ مضبوط آپريشن جي لاءِ موثر پلان جوڙيو ويو. هن هدايتون ڏنيون ته اڄ جي اجلاس ۾ ٿيل فيصلن تي سختي سان عمل ڪيو ويندو. ۽ ايندڙ اجلاس ۾ انهن جي رپورٽپيش ڪئي ويندي ۽ ان سلسلي ۾ ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. عبدالستار عيساڻي چيو ته آپريشن جي ڪاميابي جو دارومدار ٽيم ورڪ تي ممڪن آهي. هن وڌيڪ چيو ته سمورين غير قانوني عمارتن جا يوٽيليٽي ڪنيڪشنز ڪاٽڻ لاءِ لاڳاپيل ادارن سان ڳالھ ٻولھ ڪئي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته ثقافتي ورثو قرار ڏنل عمارتن جي ضروري مرمت ڪري انهن جون بنيادون مضبوط ڪيون وينديون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو