ڪراچي: ڊينٽل ڪلينڪ تي فائرنگ، هڪ وڌيڪ جوابدار گرفتار

ڪراچي: ڊينٽل ڪلينڪ تي فائرنگ، هڪ وڌيڪ جوابدار گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ چائنيز ڊينٽل ڪلينڪ تي فائرنگ واري واقعي ۾ ملوث وڌيڪ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.سنڌ پوليس جي ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) ۽ حساس ادارن جي گڏيل ڪارروائي ۾ گرفتار جوابدار اڳ ۾ گرفتار ٿيل مرڪزي جوابدار وقار کوک جو ويجهو ساٿي آهي.پوليس ذريعن موجب، هي اهو ئي جوابدار آهي جنهن فائرنگ ڪري دهشتگرد وقار کوک کي موٽرسائيڪل تي ويهاريو هو ۽ کيس لڪائڻ لاءِ وٺي ويا هئا.ان واقعي جي مرڪزي جوابدار وقار کوک کي سي ٽي ڊي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪجهه ڏينهن اڳ گرفتار ڪيو هو. گرفتار جوابدارن جي قبضي مان واردات ۾ استعمال ٿيل موٽرسائيڪل ۽ ٻيو سامان پڻ هٿ ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو