ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ مختلف علائقن جي رهواسين کي ڪراچي سميت سنڌ جي شهري علائقن جا ڊوميسائيل جاري ڪرڻ کان روڪڻ بابت ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ خواجه اظهار الحسن پاران داخل ڪيل درخواست تي نادرا کان جواب طلب ڪري ورتو آهي. جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ عدالت اهڙو حڪم اڱاري تي ٻڌڻي دوران ڏنو. عدالت ڄاڻايل درخواست جي ٻڌڻي شروع ڪئي ته ڪچي آبادي واري ڊائريڪٽر عدالت کي گذارش ڪئي ته ان درخواست ۾ وفاق کي به ڌر بڻايو وڃي جنهن تي عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته درخواستگذار وفاق کي ڌر ئي ناهي ٺاهيو. جنهن تي خواجه اظهار الحسن چيو ته منهنجي درخواست جو وفاق سان ڪو تعلق ناهي ڇاڪاڻ ته ڊوميسائيل صوبائي حڪومت جاري ڪندي آهي جنهن تي عدالت چيو ته اهڙي صورتحال ۾ وفاق جو ڇا وڃي؟ هي ته صوبائي معاملو آهي. هن جعلي ڊوميسائيلن خلاف درخواست جو ڪو به مخالف ناهي. سڀئي چاهن ٿا ته جعلي ڊوميسائل نه ٺهڻ گهرجن. خواجه اظهار چيو ته رولز کي نوٽيفاءِ ڪرڻ سان به مسئلو ٿي سگهي ٿو جنهن بعد عدالت نادرا کي 17 جنوري لاءِ نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي.
خط مامرو: هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججن کان تجويزون طلب
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
عالمي واٽر سمٽ ۾ گورننس کي بهتر ڪرڻ تي زور
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان
آءِ ايم ايف پاران مختصر مدي وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح
بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو
ڪينيا جو آرمي چيف ڏهه آفيسر سميت اجل جو شڪار
خصوصي سيٽن وارن ميمبرن کان حلف وٺڻ جو حڪم
حدبندي جو تڪرار ، پينو فقير عدالت پهچي ويا
ٽڪ ٽاڪ پاران نئين ايپ متعارف
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، ترجمان
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو