ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ پوليس رات دير سان اسنيپ چيڪنگ ڪئي، جنهن دوران 14 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو.پوليس موجب گلبهار، رضويا ۽ نيو ڪراچي ۾ اسنيپ چيڪنگ دوران فينسي نمبر پليٽ ۽ هٿيارن جي نمائش ڪندڙ گاڏين جي مالڪن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي.پوليس موجب اسنيپ چيڪنگ دوران فينسي نمبر پليٽس ۽ ڪاري شيشي واري گاڏين خلاف ڪارروائي ڪندي 14 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو، جن مان ٽن ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو.پوليس موجب ان دوران 60 فينسي نمبر پليٽون هٽايون ويون ۽ ڪارا شيشا لڳل ٽن گاڏين خلاف به ڪارروائي ڪئي وئي.










