ڪراچي: پوليس مقابلي ڪيس ۾ جوابدار شاهزيب جي ضمانت منظور

ڪراچي: پوليس مقابلي ڪيس ۾ جوابدار شاهزيب جي ضمانت منظور

ڪراچي (رپورٽر): ڪراچي جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج شرقي جي عدالت پوليس مقابلي، اقدامِ قتل ۽ غيرقانوني هٿيار رکڻ جي ڪيسن ۾ جوابدار شاهزيب جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.عدالت جوابدار شاهزيب کي 70-70 هزار روپين جا مچلقا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ضمانت منظور ڪئي. پراسيڪيوشن موجب جوابدار ۽ سندس ساٿين تي پوليس پاران فائرنگ ڪرڻ جو الزام هو.دفاعي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته جوابدار وٽان ڪو به پينسٽل هٿ ناهي ٿيو ۽ مٿس جھوٽو الزام لگايو ويو آهي. پوليس موجب جوابدارن خلاف 30 مئي 2026ع تي ٿاڻي شارع فيصل تي ڪيس داخل ڪيا ويا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو