ڪراچي: پوليس مقابلو، 3 ڏوهاري مارجي ويا

ڪراچي: پوليس مقابلو، 3 ڏوهاري مارجي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي نارٿ ڪراچي ۾ پوليس مقابلي ۾ 3 ڌاڙيل مارجي ويا. پوليس اختيارين موجب نارٿ ڪراچي جي علائقي بابا موڙ وٽ 3 ڌاڙيل شهرين کي ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي.فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 ڦورو مارجي ويا، مارجي ويل جوابدارن جي قبضي مان هٿيار، موٽرسائيڪل ۽ چوري جو سامان هٿ ڪيو ويو آهي.پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل جوابدارن جي سڃاڻپ اويس، راشد ۽ ذيشان جي نالن سان ٿي آهي.مارجي ويلن جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو