پوليس مقابلو، پابندي مڙهيل تنظيم جا 2 دهشتگرد مارجي ويا

پوليس مقابلو، پابندي مڙهيل تنظيم جا 2 دهشتگرد مارجي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ سپر هاءِ وي تي پوليس مقابلي دوران گرفتار ٿيل پابندي مڙهيل تنظيم جا 2 زخمي دهشتگرد علاج دوران فوت ٿي ويا.ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي آصف اعجاز شيخ موجب سي ٽي ڊي سنڌ ۽ حساس ادارن سپر هاءِ وي تي ٽيسر ٽائون ويجهو ڪارروائي ڪئي، ڪارروائي دوران 2 دهشتگرد ۽ 4 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا.آصف اعجاز شيخ جو چوڻ هو ته زخمي پوليس اهلڪارن ۽ دهشتگردن کي علاج لاءِ ڪراچي جي خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو پر ٻنهي دهشتگردن اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويا.ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو پڻ هٿ ڪيو ويو آهي، مارجي ويل دهشتگرد وڏن ڪاررواين جي ماسٽر مائينڊ ۽ ٽارگيٽ لسٽ ۾ شامل هئا.انچارج سي ٽي ڊي راجا عمر خطاب ٻڌايو ته دهشتگرد ٽن چئن ڏينهن کان هڪ گهر ۾ رهندا هئا، دهشتگرد گهربل هئا، سندن پروفائيل بعد ۾ شيئر ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو