ڪراچي پوليس آفيس تي حملي جو ڪيس سي ٽي ڊي ٿاڻي تي داخل

ڪراچي پوليس آفيس تي حملي جو ڪيس سي ٽي ڊي ٿاڻي تي داخل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي پوليس آفيس (ڪي پي او) تي حملي جو ڪيس ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي.ڪيس صدر ٿاڻي جي ايس ايڇ او جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ دهشتگردي، قتل ۽ قتل جي ڪوشش سميت ٻين دفعات شامل آهن، ڪيس ٽن حملي آورن، فرار جوابدارن ۽ سهولتڪارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي.ڪيس جي متن موجب ايس ايڇ او جو چوڻ آهي ته حملي جي اطلاع 7:15 منٽن تي وائرليس ذريعي ڏني وئي، هو 7:20 تي واقعي واري هنڌ پهتو ۽ دهشتگردن خلاف ڊي آءِ جي عرفان بلوچ جي سربراهي ۾ ٽيم طلب ڪري ورتي. آپريشن جو بندوبست ڪيو ويو.ڪيس ۾ چيو ويو آهي ته حملي ۾ 3 دهشتگرد ملوث هئا، جوابي فائرنگ ۾ هڪ دهشتگرد چوٿين منزل تي مارجي ويو، هڪ دهشتگرد ٽئين منزل تي پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، جوابي فائرنگ ۾ ٽيون دهشتگرد به ڇت تي مارجي ويو. مارجي ويل ٻن دهشتگردن آپگهاتي ويسٽون به پهريل هيون، آپگهاتي بمبار جا عضوا به مليا آهن.پوليس اختيارين موجب ڪيس انچارج نمبر 20 18 فيبروري تي شام 4:30 وڳي داخل ڪيو ويو.ڪيس جي متن موجب حملي ۾ 4 رينجرز ۽ پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا، حملي ۾ 18 ڄڻا زخمي ٿي پيا، پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان سوشل ميڊيا ذريعي حملي جي ذميواري قبول ڪري ورتي، خانداني ڪوارٽر جي پوئين ڀت تعمير ڪئي وئي. دهشتگرد صدر پوليس لائين ويجهو تارون ڪٽيندا اندر داخل ٿيا، 3 دهشتگرد ڪار ۾ سوار ٿي صدر پوليس لائين پهچي ويا، موٽرسائيڪل تي آيل دهشتگردن ڪي پي او جو اشارو ڪيو ته ڪار ۾ سوار دهشتگردن کي 5 دستي بم، 2 دهشتگردن وٽان خودڪش جيڪٽس هٿ آيون، جن کي ناڪاره بڻايو ويو. ڪيس ۾ ڌماڪيدار مادو جي قلم 3 ۽ 4 پڻ شامل ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو