ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز احمد شيخ چيو آهي ته ڪراچي پريس ڪلب ۾ سولر سسٽم ڏيڻ سنڌ حڪومت ۽ پيپلزپارٽي جو تحفو آهي ڪراچي پريس ڪلب جي هائوسنگ سوسائٽيز لاءِ وليج اليڪٽرڪ پلان تحت بجلي فراهم ڪئي ويندي ماڻهن کي مهانگي بجلي کان ڇوٽڪاروڏيارڻ اسان جو عزم آهي سرڪاري عمارتن سميت جيلن کي به سولرائيز ڪري رهيا آهيون سستي بجلي ڏيڻ ۾ رنڊڪ عمران خان وڌي تحريڪ انصاف ملڪ دشمن پارٽي آهي جيڪا جلد پنهنجي انجام تائين پهچندي اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱار ي تي ڪراچي پريس ڪلب ۾ پهرين سولر پارڪس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو ان موقعي تي ڪراچي پريس ڪلب جو صدر سعيد سربازي، سيڪريٽري شعيب احمد، گورننگ باڊي جا ميمبر اڳوڻي صدر فاضل جميلي، امتياز فاران، اڳوڻو سيڪريٽري رضوان ڀٽي ارمان صابر ۽ ٻيا به موجود هئا امتياز شيخ چيو ته منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي ته مون کي ڪراچي پريس ڪلب پاران اعزازي ميمبرشپ سان نوازيو ويو آهي ڪراچي پريس ڪلب پاڪستان جو سب کان وڏو پريس ڪلب آهي جنهن کي سولرائيز ڪيو ويو آهي هي سنڌ حڪومت ۽ پيپلزپارٽي طرفان تحفو آهي جيڪو اوهان جو هق آهي هي ڪل 100 ڪلوواٽ جو منصوبو آهي جنهن مان 6 ڪلوواٽ بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي جلد 40 ڪلوواٽ جو به اضافو ڪيو ويندو هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽِ آزاد صحافت تي يقين رکي ٿي امتياز شيخ چيو ته اسان سولرائيز جو سسٽم وڏي پئماني تي شروع ڪيو آهي 35 وڏين اسپتالن کي سولرائيز ڪيو آهي ورلڊ بئنڪ جي ذريعي اسان هي ڪم ڪرائي رهيا آهيون سرڪاري عمارتن جيلن کي به سولرائيز ڪيو ويندو تهجيئن سڀني کي بجلي فراهم ٿئي 2 لک گهرن کي سولرائيز ڪيو پيو وڇي ماڻهن کي مهانگي بجلي مان نجات اسان جو مقصد آهي امتياز شيخ چيو ته ٻاهرين پڙ تي بلاول ڀٽو زرداري تمام سٺو ڪم ڪيو آهي جن ملڪن سان لاڳاپا سٺا نه هئا اهي لاڳاپا سٺي قائم ڪيا آهن عرب ملڪن سان پاڪستان جا لاڳاپا بهتر ٿيا آهن سي پيڪ رٿا تي ڪم کي اڳتي وڌايو ويو آهي امتياز شيخ چيو ته عمران خان اسان جي معيشت کي خراب ڪيو ۽ هر ڪم ۾ رنڊڪ وڌي سستي بجلي ۾ عمران خان رنڊڪ وڌي پي ٽي آئي پارٽي ملڪ دشمن پارٽي آهي ره قصور وار کي ان جي ڪيل ڏوهه جي سزا ملندي هن چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ پيپلزپارٽي کي عوام جو مڪمل تعاون حاصل هوندو ۽ عوام جو ووٽ اسان جو هوندو ڪراچي ۾ اسان جو ميئر ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ اچڻ وارو آهي پاڪستان پيپلزپارٽي صحافين ۽ وڪيلن جي مسئلن جي حل لا3 ڪوشان آهي مصروفيتن سبب اڄ بلاول ڀٽو نه اچي سگهيو جلد هو پريس ڪلب جو دورو ڪندو ڪراچي پريس ڪلب جي صدر سعيد سربازي چيو ته مان ڪراچي پريس ڪلب جي ميمبرن طرفان سنڌ حڪومت جو شڪريو ادا ڪريان ٿو صوبائي حڪومت هميشه اسان سان تعاون ڪيو آهي امتياز شيخ جي ذاتي ڪوششن سان هي ڪم مڪمل ٿيو آهي اسان کي ظالم ڪي اليڪٽرڪ کان نجات ملي آهي سيڪريٽري شعيب احمد امتياز سيخ کي ڪراچي پريس ڪلب جي اعزازي ميمبرشپ ڏيڻ جو اعلان ڪيو هن چيو ته اسان صوبائي وزير امتياز شيخ جا ٿورائتا آهيون جن ڪراچي پريس ڪلب کي ماحول دوست بڻايو 2020 تي سوچيل منصوبو اڄ مڪمل ٿيو آهي 60 ڪلوواٽ جي سولر سسٽم سان اسان جا خرچ گهٽجي ويندا اڳوڻي صدر پريس ڪلب فاضل جميلي چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ امتياز شيخ جا ٿورائتا آهيون جن گرين انرجي جو منصوبو شهر ۾ آندو اڄ امتياز شيخ پنهنجو واعدو پورو ڪري ڇڏيو آهي مان اڄ خوشي سان چوان ٿو ته ڪراچي پريس ڪلبن پاڪستان جو واحد گرين پريس ڪلب آهي اسان جي ڪلب جو آئين ٽن زبانن ۾ موجود آهي اڳوني سيڪريٽري پريس ڪلب رضوان ڀٽي چيو ته هن منصوبي تي 2020 ۾ ڪم شروع ڪيو ويو هو هن وقت پورو ڪلب سولر تي هلي رهيو آهي اسان جو منصوبو 100 ڪلوواٽ جو هو ايندڙ مرحلي ۾ واپڊا کي بجلي فراهم ڪئي ويندي تقريب جي پڄاڻي تي امتياز شيخ فاضل جميلي امتياز فاران، رضوان ڀٽي ۽ ڊاڪٽر تاج کي شيلڊ پيش ڪيون جڏهن ته امتياز شيخ کي سعيد سربازي، شعيب احمد ۽ شمس ڪيريو فيلڊ پيش ڪئي ۽ اجرڪ اوڍايو.










