ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي پريس ڪلب جي رھيل 700 ميمبرن کي سنڌ حڪومت پلاٽ فراهم ڪندي ته جيئن سندن رهائش جو مسئلو حل ٿي سگهي. ان حوالي سان سمري سنڌ جي وڏي وزير کي موڪلي ويندي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي پريس ڪلب جي عهديدارن سان ملاقات دوران ڪيو، ان موقعي تي ڪلب جي صدر فاضل جميلي٫ سيڪريٽري رضوان ڀٽي ۽ ٻيا عهديدار بہ موجود هئا. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت صحافت جي آزادي تي پختو يقين رکي ٿي ۽ اسان سمجهون ٿا ته صحافين جا مسئلا حل ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي ۽ ائين ڪرڻ صحافين تي ڪو احسان نه آهي، هن چيو ته ڪراچي پريس ڪلب هڪ تاريخي ڪلب آھي. جنهن هميشه جمهوريت جي بقا ۽ استحڪام لاءِ ڪم ڪيو آهي . هن چيو ته پيپلز پارٽي ڪڏهن به ڪنهن صحافي تي انتقامي ڪارروائي ناهي ڪئي ۽ هميشه صحافين جي ڀلائي قدم کنيا آهن ۽ انهن خلاف قانونسازي جي مخالفت ڪئي آهي، هن سمورن صحافي تنظيمن کي گڏيل پليٽ فارم تي گڏ ٿيڻ جي اپيل ڪئي آھي. ھن چيو ته صحافي ھڪ گڏيل پليٽ فارم تي اچن ۽ پنھنجن اختلافن کي ختم ڪن ته جيئن انهن جي مسئلن کي ڀرپور طريقي سان حل ڪيو وڃي. هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جي دؤر ۾ ھاڪس بي تي پلا ٽ ڏنا ويا ھئا ، جنھن بعد صدر آصف علي زرداري جي دور ۾ هاڪس بي تي صحافين کي پلاٽ ڏنا ويا . چارٽر آف ڊيموڪريسي تي عملدرآمد بابت پڇيل سوال تي سڌ سماءَ واري وزير چيو ته تاريخي دستاويز تي شهيد بي بي ۽ نواز شريف صحيحون ڪيون ۽ اهو ڪنهن فرد يا پارٽي جو نه پر جمهوريت جي بقا ۽ استحڪام جو معاهدو آهي جنهن تحت سياست ۾ ذاتي دشمني جي ڪابه جاءِ ناهي ، پر سياسي اختلاف ضرور ٿي سگهن ٿا، هن چيو ته پي ٽي آءِ سياست ۾ گالم گلوچ جو ڪلچر متعارف ڪرايو آهي، جنهن جو واحد مقصد سماج ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ ۽ مختلف طبقن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته مهانگائي وڏو مسئلو آهي، حڪومت ۾ شامل سموريون پارٽيون ان کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن. هن چيو ته نيازي حڪومت ملڪ جي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ سمورا اشارا ملڪ جي خراب معاشي حالت ڏانهن اشارو ڪري رهيا آهن، ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽ جي خراب حالت بابت پڇيل ھڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير چيو ته حڪومت اورينج لائين کي فعال ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جيڪا 30 مئي تائين شروع ڪئي ويندي، جنهن تي 20 بسون هلنديون. جنهن سان اورنگي ٽائون جي رهواسين کي ٽرانسپورٽ جون بهترين سهولتون فراهم ڪيون وينديون، هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، صدر آصف علي زرداري ۽ سنڌ جي وزير اعلیٰ سيد مراد علي شاهه ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽ جو مسئلو حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته ڪراچي لاءِ 240 بسون جلد پهچنديون .جنهن کي شهر جي مختلف رستن تي هلايو ويندو. عمران خان جي سياست بابت پڇيل سوال تي هن چيو ته نيازي خان احسان فراموش شخص آهي، ھن ھر ان شخص کي نقصان پھچايو يا بدنام ڪيو آھي، جنھن ھن تي احسان ڪيو ۽ اڄ به ان تي ھلي رھيو آھي. صوبي ۾ پاڻي جي بحران بابت هن چيو ته هن وقت سنڌ ۾ 48 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ آهي، جڏهن ته پنجاب پاڻي ۾ 32 سيڪڙو کوٽ آھي.هن چيو ته سنڌ جي وزير اعلیٰ ان حوالي سان وزيراعظم سان ڳالهايو آهي. هن چيو ته اسان کي ڪو احسان نه ٿا چاهيون ، اسان کي 1991ع جي پاڻي جي معاهدي موجب پنهنجي حصي جو پاڻي گهرجي، اسان چاهيون ٿا ته ان ٺاھ موجب سمورن صوبن کي پاڻي ملي .هن ان تاثر کي رد ڪندي چيو ته صوبي ۾ گذريل 13 سالن ۾ ڪنهن به شعبي ۾ ڪو به ڪم نه ڪيو ويو آهي، هن چيو ته صوبي ۾ طبي سهولتون مثالي آهن، جتي سڄي ملڪ مان ماڻهو علاج لاءِ اچن ٿا. ان کان علاوه سڄي صوبي ۾ بهترين روڊن جو نيٽ ورڪ موجود آهي، جيڪو ڏورانهن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن کي ٽرانسپورٽ جي بهترين سهولت فراهم ڪري رهيو آهي. سنڌ ۾ لوڊشيڊنگ تي هن چيو ته سنڌ ۾ ڳوٺن ۾ 16، 16 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. جنهن تي هر فورم تي آواز اٿارينداسين. هن چيو ته ڇهن ڇھن مهينن تائين ڳوٺن جي بجلي جا ڪنيڪشن ڪاٽا ڪيا پيا وڃن. هڪ فرد جي سزا سڄي سماج ۽ علائقي کي ملي رهي آهي، جنهن جو قانون ۽ آئين ۾ ڪو تصور ئي ناهي. حيسڪو ۽ سيپڪو پنهنجو نظام درست ڪرڻ بدران ڪليڪٽو پنشمينٽ ڏئي رهيا آهن، جيڪو درست ناهي. ان تي مون ذاتي طور تي عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي آهي. ان موقعي تي صوبائي وزير ميڊيا ۽ اطلاعات کاتي جي وچ ۾ ويجهن لاڳاپن جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.










