ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پي ايس ايل 8 سيريز جو ٻيو ميچ ڪراچي ڪنگز ۽ پشاور زلمي جي ٽيمن وچ ۾ نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏي وئي. جيڪا وڏي دلچسپ مقابلي بعد پشاور 2 رنسن تان کٽي ورتي. ڪراچي جي ڪپتان عماد وسيم ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. پشاور جي اوپنرز جارحاڻو انداز اختيار ڪيو پر ٻئي اوور 2 وڪيٽون ڪرڻ بعد به ٽيمپ نه ٽٽو. پشاور زلمي ڪراچي وارن کي ميچ کٽڻ لاءِ 200 رنز جو ٽارگيٽ ڏنو. ڪراچي جي اننگ جي شروعات ميثيو ويڊ ۽ شرجيل خان ڪئي. پهرين بال تي هڪ رن وٺي شرجيل کي سائيڊ ڏني ته هو وهاب رياٰ جي پهرين اوور جي ٻئي بال تي ڪيپر محمد حارث هٿان ڪيچ ٿيو. جنهن بعد حيدر علي آيو ۽ ٻنهي جارحاڻي انداز ۾ راند جاري رکي گهربل 10 رنز جي اسڪور تي ئي ٽيمپو هننبرقرار رکيو پر ٽئين اوور ۾ جمي نيشام جي بال تي ميثيو هڪ ڇڪي ۽ 4 چوڪن جي مدد سان 15 بالن تي 23 رنز اسڪور ڪري جيمز نيشام جي بال تي ٽام ڪوهلر هٿان ڪيچ ٿيو. جنهن بعد 44 جي مجموعي اسڪور تي قاسم اڪرم به نيشام جي بال تي ڪوهلر هٿان ڪيچ ٿيو ۽ ڪراچي پاور پلي جي 6 اوورز ۾ 3 وڪيٽن تي 46 رنز اسڪور ڪيون. جنهن بعد شعيب ملڪ آيو پر سلمان ارشاد جي بال تي حيدر علي به 12 رنز اسڪور ڪري صائم ايوب هٿان ڪيچ ٿيو. جنهن بعد عماد وسيم ملڪ جو ساٿ ڏيڻ آيو. ٻنهي اسڪور اڳتي وڌايو پر گيم جو ٽيمپو سست ٿي ويو، 11 اوورن جي مڪمل ٿيڻ 91 رنز ڪراچي ٺاهيون. 54 بالن تي 109 رنز کٽڻ لاءِ گهربل هيون. هنن 67 بالن تي 100 جي پارٽنرشپ ڪئي پر رن ريٽ وڌندو رهيو. ان کان اڳ محمد عامر کي پهرين بال تي محمدحارث چوڪو هنيو ۽ سندس اوور م 11 رنز ٺهيون. ٻيو اوور مير حمزا ڪرايو ۽ هن محمد حارث کي ايل بي ڊبليو ڪيو، هن 5 بالن تي ٻن چوڪن جي مدد سان 10 رنس ٺاهيون ۽ پشاور جي 15 جي مجموعي اسڪور تي پهرين وڪيٽ ڪري. جنهن بعد صائم ايوب آيو ۽ هو مير همزا هٿان پهرين بال تي زيرو تي رن آئوٽ ٿيو. ٻنهي وڪيٽن جو فيصلو رويو ۾ ٿيو. ان بعد ٽام ڪوهلر ۽ بابر اعظم اسڪور اڳتي وڌايو ۽ 11 اوورز ۾ پشاور زلمي 2 وڪيٽن جي نقصان تي103 رنز اسڪور ڪيون. ڪوهلر ڪراچي جي هر بالر کي ڇڪا هنيا ۽ 28 بالن تي ففٽي مڪمل ڪئي. 39 بالن تي بابر به بعد ۾ ففٽي مڪنل ڪئي. 155 جي مجموعي اسڪور تي بابر اعظم هڪ ڇڪي ۽ 7 چوڪن جي مدد سان 46 بالن تي 68 رنس ٺاهي عمران طاهر جي بال تي ٽائي هٿان ڪيچ ٿيو 171 جي مجموعي اسڪور ڀنوڪا راجا پڪسا 6 بالن تي 6 رنس ٺاهي اينڊريو ٽائي جي بال تي بين ڪٽنگ هٿان ڪيچ ٿيو، 197 جي اسڪور تي هوڪلر6 ڇڪا ۽ 7 چوڪن جي مدد سان50 بالن تي 92 رنس ٺاهي بين ڪٽنگ جي بال تي عمران طاهر هٿيان ڪيچ ٿيو ۽ پشاور 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 199 رنز ٺاهيون.










