ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ٽريفڪ جام دوران شهرين کي ڦر ڪندڙ 8 رڪني گينگ جي 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سندن ٻين ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.ڪراچي جي ضلعي سينٽرل جي سر سيد ٽائون پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي اسٽريٽ ڪرائم ۾ ملوث جوابدارن جي گروهه جي 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.پوليس موجب نويد، ساگر عباسي، آصف ۽ رضا عباس کي گرفتار ڪيو ويو، جن جي قبضي مان 10 موبائيل فون، 4 پستول، 8 رائونڊ، پرس ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي.ترجمان موجب گرفتار جوابدار قيوم آباد ۽ سرجاني ٽائون جا رهواسي آهن ۽ قيوم آباد کان سرجاني روڊ تي ڏوهن ۾ ملوث آهن، جوابدار 8 رڪني گروپ جو تعلق ڏکڻ پنجاب سان آهي.جوابدارن انڪشاف ڪيو آهي ته بلوچ ڪالوني پل، حسن اسڪوائر، لياقت آباد ۽ ناگن چورنگي پل تي ٽريفڪ جام دوران شهرين کي ڦر ڪري فرار ٿي ويندا آهن.جوابدارن انڪشاف ڪيو ته 4 موٽرسائيڪلن تي سوار 8 جوابدارن چانهه جي هوٽل تي ويٺل شهرين کي ڦر ڪندا هئا.جوابدارن جو هڪ هفتو اڳ سر سيد پوليس سان مقابلو ٿيو هو، جنهن دوران جوابدار پوليس تي فائرنگ ڪري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا هئا.










