ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ جي بدترين صورتحال سبب 34 ڏينهن کان بند ٽرين سروس اڄ کان جزوي طور تي بحال ٿي وئي آهي.ريلوي اختيارين موجب پهرين ٽرين رحمان بابا ايڪسپريس اڄ صبح 10 وڳي ڪراچي کان رواني ٿي.رحمان بابا ايڪسپريس فيصل آباد ۽ راولپنڊي کان ٿيندي پشاور پهچندي.










