ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وين ڌماڪي جو نوٽيس ورتو سنڌ جي وڏي وزير آءِ جي پوليس کي فون ڪري ڇڏيو آءِ جي جو چوڻ هو ته ڌماڪو ڪامرس ڊپارٽمينٽ ويجهو 2.30 وڳي ڪراچي يونيورسٽي جي وين ۾ ٿيو. شروعاتي اطلاعن موجب 4 ڄڻا مارجي ويا آهن. سنڌ جي وڏي وزير پاران قيمتي جاني نقصان تي ڏک جو اظهار ڪيو سنڌ جي وڏي وزير پوليس ۽ رينجرز کي فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهچڻ جي هدايت ڪئي آهي. سنڌ جي وڏي وزير ڌماڪي تي ڪمشنر ڪراچي کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي










