ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي واسين تي هڪ ڀيرو ٻيهر بجلي ڪيرائڻ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، ڪي اليڪٽرڪ نيپرا کي بجلي 5 رپيا 27 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي آهي نيپرا موجب ڪي اليڪٽرڪ اها درخواست مارچ جي فيول ايڊجيسٽمنٽ جي مد ۾ ڪئي آهي، جنهن جي ٻڌڻي 27 اپريل تي ٿيندي، ڪي اليڪٽرڪ جي درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي جي بجلي صارفين تي 8 ارب 59 ڪروڙ رپيا کان وڌيڪ جو بار پوندو










