ڪراچي (رپورٽ باغي ساگر پنهور)برسات سبب جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي ڇت مختلف جاين تان ٽمڻ شروع ڪري ڇڏيو، جنهن سبب عملي وارن مختلف جاين تي بالٽيون رکي ڇڏيون. ڪراچي ۾ وقفي وقفي سان بارش جو سلسلو جاري آهي جيڪو موسميات کاتي موجب اڄ ختم ٿي ويندو. بارش سبب ڪي اليڪٽرڪ جا 582 فيڊر بند آهن ۽ ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي بند آهي. جن ۾ نيو ڪراچي، فيڊرل بي ايريا، گلشن اقبال، گلستان جوهر، لياقت آباد، پي آءِ بي، ناظم آباد، طارق روڊ ملير، گلزار هجري، لانڍي، گلشن حديد، سائيٽ، ميٽروول ۽ ٻيا علائقا شامل آهن.










