ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي موبيلٽي پروجيڪٽ (KMP) جيڪو ييلو لائين بس ريپڊ ٽرانزٽ (BRT) جو هڪ انقلابي منصوبو آهي، ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي آهي. جام صادق پل تي 38 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي جڏهن ته بسن جي خريداري ۽ نظام کي فعال ڪرڻ جون تياريون هن سال جي آخر تائين شروع ڪيون وينديون. هي اڳڀرائي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ پيش ڪئي وئي. اجلاس ۾ عالمي بئنڪ جي نئين ڪنٽري ڊائريڪٽر مس بولورما آمگابازار، صوبائي وزير ۽ عالمي بئنڪ جا سينيئر آفيسر شريڪ هئا. اجلاس ۾ سنڌ حڪومت جي عالمي بئنڪ سان 3.86 ارب ڊالرن جي پورٽ فوليو جو جائزو ورتو ويو جنهن ۾ تعليم، صحت، سماجي تحفظ، شهري نظم و نسق ۽ ٽرانسپورٽ جا 13 جاري منصوبا شامل آهن. ڪراچي موبيلٽي پروجيڪٽ (KMP) – يلو لائين BRT: هن منصوبي جو مقصد ڪراچي جي اهم رستن ۾ ييلو لائين BRT وسيلي ٽرانسپورٽ، رسائي ۽ تحفظ کي بهتر بڻائڻ آهي. جام صادق پل: صوبائي وزير ٽرانسپورٽ شرجيل ميمڻ اجلاس کي ٻڌايو ته پل جي تعمير جولاءِ 2024 ۾ شروع ٿي هئي ۽ هيستائين 38 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. فیز ون جي مڪمل ٿيڻ جي تاريخ 31 آگسٽ 2025 مقرر ڪئي وئي آهي. منصوبي جا ٻه ڊپو به تعمير هيٺ آهن: ڊپو نمبر 1 (آڪٽوبر 2024 کان) ۽ ڊپو نمبر 2 (سيپٽمبر 2024 کان)، جتي 16 سيڪڙو اڳڀرائي ٿي چڪي آهي ۽ زمين جي بهتري ۽ بنيادي ڍانچي تي ڪم جاري آهي. بي آر ٽي ڪوريڊور فیز ون: اجلاس کي ٻڌايو ويو ته منصوبو 12 ڪلوميٽر تي ٻڌل آهي ۽ ان جو بجيٽ 100 ملين ڊالر آهي. عالمي بئنڪ مئي 2025 ۾ ٻولي جي دستاويزن جي منظوري ڏني هئي. ٻولين جي مدعو ڪرڻ جو عمل جاري آهي جنهن ۾ پيڪيج 3B جي آخري تاريخ 29 آگسٽ 2025 مقرر آهي. هڪ جامع روڊ سيفٽي آڊٽ به مڪمل ڪيو ويو آهي. پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (PPP) ايڊوائزري: اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته بسن جي فراهمي لاءِ PPP ايڊوائزري فیز ون، جنهن ۾ آپريشنل منصوبا ۽ مالي ماڊلنگ شامل آهي، مڪمل ٿي چڪي آهي. فیز ٽو تحت ٻولي جي ڪاغذن جي تياري آڪٽوبر 2025 تائين مڪمل ڪئي ويندي. بسن جي فراهمي ۽ آپريشنز جي خريداري جو عمل ڊسمبر 2025 ۾ شروع ٿيندو، جڏهن ته سروس جو آغاز ڊسمبر 2027 ۾ ڪيو ويندو. فیز ٽو توسيع: هي مرحلو 7 ڪلوميٽر تي ٻڌل آهي ۽ ان جو بجيٽ 118 ملين ڊالر رکيو ويو آهي. ڊيزائن منظور ٿي ويا آهن ۽ ٻولي جي دستاويزن کي هم آهنگ ڪيو پيو وڃي ته جيئن ڪم ۾ تسلسل قائم رهي. ان کان علاوه 71 ڪلوميٽر تي مشتمل فيڊر رستن جي به اپ گريڊيشن کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي. سنڌ ابتدائي تعليم سڌارا منصوبو: پرائمري اسڪولن ۾ پڙهائي جي مهارت ۽ شاگردن جي برقرار رهڻ جي شرح کي بهتر بڻائڻ لاءِ هن منصوبي تحت 12 ضلعن جي 295 اسڪولن لاءِ ٺيڪا ڏنا ويا آهن جن مان 260 اسڪول تعمير هيٺ آهن. هڪ خاص مانيٽرنگ ڊيش بورڊ ۽ اينڊرائيڊ ايپ ذريعي هر پل جي پيش رفت تي نظر رکي پئي وڃي. سولر پينل، فلٽريشن يونٽس، اسڪول فرنيچر ۽ QR ڪوڊ تي ٻڌل تعليمي مواد جي خريداري جاري آهي جيڪا نومبر 2025 تائين مڪمل ڪئي ويندي. سماجي تحفظ ۽ ماءُ ۽ ٻار جي صحت: سماجي تحفظ جي نظام کي مضبوط ڪرڻ لاءِ منصوبي تحت عورتن ۽ ٻارن لاءِ صحت جون سهولتون وڌايون پيون وڃن. “مامتا” ايپ کي پي ٽي سي ايل ڪلائوڊ ذريعي اپ گريڊ ڪيو پيو وڃي ۽ ضلعي ڪوآرڊينيٽر مقرر ڪيا پيا وڃن. ٽيڪنيڪل عملي جي ڀرتي ۽ مربوط مينيجمينٽ انفارميشن سسٽم جي تنصيب مڪمل ٿي وئي آهي. سنڌ انٽيگريٽيڊ هيلٿ اينڊ پاپوليشن پروجيڪٽ (SIHPP): توليدي، زچگي، ٻارن ۽ نو عمرن جي صحت تي ڌيان ڏيندڙ هن منصوبي تحت 238 ڪميونٽي هيلٿ ورڪر ڀرتي ٿي ويا آهن، جن جي تربيت 25 سيپٽمبر 2025 کان شروع ٿيندي. خوراڪ پروگرام 15 ڊسمبر 2025 کان شروع ڪيو ويندو. ريفرل نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ 60 ايمبولينسون خريد ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته 15 ڊسپينسريون 24 ڪلاڪ جي سهولت لاءِ اپ گريڊ ڪرڻ جي جائزي هيٺ آهن. ڪلڪ ۽ نيشنل هيلٿ سپورٽ پروگرام: ڪلڪ منصوبو شهري نظم و نسق، ٽيڪس ايڊمنسٽريشن ۽ ٺوس ڪچري جي انتظام کي بهتر بڻائي رهيو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هيستائين گهر گهر سروي ذريعي 18 لک جائيدادون رجسٽر ٿي چڪيون آهن. نيشنل هيلٿ سپورٽ پروگرام لاءِ 10 ارب رپيا رکيا ويا آهن جن مان 2 ارب رپيا مالي سال 2025-26 لاءِ رکيا ويا آهن ۽ هي منصوبو اسٽيرنگ ڪميٽي کان منظوري حاصل ڪري چڪو آهي. وڏي وزير ۽ عالمي بئنڪ جي ڪنٽري چيف متفق ٿيا ته انهن منصوبن کي وقت سر عوامي فائدي لاءِ مڪمل ڪرڻ لاءِ ويجهي رابطا ۽ گڏيل ڪوششون جاري رکيو وينديون.ٻئي پاسي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي ٽيم سان گڏ عالمي بئنڪ جي وفد سان ٻه الڳ الڳ تفصيلي ملاقاتون ڪيون. وفد جي اڳواڻي ڪنٽري ڊائريڪٽر مس بولورما آمگابازار ڪئي. پهرين ملاقات ۾ اهم مالي سڌارن تي غور ڪيو ويو جن جو مقصد ٽيڪس ۾ واڌارو ۽ خدمتن جي فراهمي لاءِ اهڙو طريقو اختيار ڪرڻ هو جيڪو ڊگهي مدي واري معاشي ترقي لاءِ لازمي آهي. ٻي ملاقات ۾ عالمي بئنڪ جي جاري منصوبن تي پيش رفت جو جائزو ورتو ويو. ڳالهين دوران ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته مالي معاهدي تحت ڪيل واعدن تي عملدرآمد لاءِ هڪ مؤثر نظام قائم ڪرڻ نهايت ضروري آهي. ملاقات وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿي جنهن ۾ شرجيل ميمڻ، ڊاڪٽر عذره فضل پيجوهو، ناصر شاهه، سردار شاهه، جام خان شورو، محمد علي ملڪاڻي، چيئرمين رٿابندي ۽ ترقي نجم شاهه، سيڪريٽري ناڻو فياض جتوئي ۽ ٻيا شامل هئا. عالمي بئنڪ جي وفد ۾ آپريشنز مينيجر ڊراوگيلس، آپريشنز آفيسر حنا سليم، ڊولپمينٽ اسپيشلسٽ ڪامران اڪبر ۽ ٻيا به شامل هئا. پهريائين ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته انساني ترقي جي شعبي ۾ سست رفتاري کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي ۽ ان لاءِ گڏيل ڪوششن سان حل ڳوليا ويندا. ملاقات ۾ جيڪي حڪمت عمليون زير غور آيون تن ۾ ٽيڪس اوڳاڙي کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ، صوبائي آمدني ۾ اضافي لاءِ زرعي آمدني ٽيڪس، خدمتن تي سيلز ٽيڪس ۽ جائداد ٽيڪس کي مضبوط ڪرڻ شامل هو. خرچن جي معيار ۾ بهتري: اجلاس ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته معياري تعليم ۽ صحت تي خرچن کي خاص اهميت ڏني ويندي. ان سان گڏوگڏ پينشن سڌارا، جيڪي صوبائي حڪومت اڳ ئي متعارف ڪرايا آهن ۽ سرڪاري ادائگين جي عمل کي ڊجيٽل بڻائڻ تي به ڪم ڪيو ويندو. ڊيٽا جي نظام کي بهتر بڻائڻ: ادارو شماريات سنڌ ۾ سڌارن تي به اتفاق ڪيو ويو ته جيئن مالي ۽ خدمتن جي فراهمي جي نتيجن کي وڌيڪ مؤثر نموني پرکيو وڃي. ان سلسلي ۾ انتظامي ۽ سروي ڊيٽا جي انضمام ۽ ٽيڪس جي اڳڪٿي جا طريقا بهتر بڻائڻ تي به زور ڏنو ويو. وڏي وزير ٻڌايو ته هن سنڌ پبلڪ ريسورسز فار انڪلوٽو ڊولپمينٽ (PRID) جو ڍانچو قائم ڪيو آهي جنهن جو مقصد صوبائي وسيلن ۾ واڌارو ڪرڻ، جامع پينشن سڌارا لاڳو ڪرڻ ۽ اسڪولن لاءِ وقت سر بجيٽ رکڻ آهي. هي قدم هڪ اهڙو مضبوط انگن اکرن جو نظام جوڙڻ جي ڪوشش آهي جيڪو شواهد تي ٻڌل پاليسي سازي ۾ مددگار ثابت ٿيندو. هن قدمن تحت زرعي آمدني ٽيڪس جي اوڳاڙي ۾ سڌارو ۽ سنڌ سيلز ٽيڪس جي سال بہ سال وڌندڙ وصولي کي يقيني بڻايو ويندو. ان سان گڏوگڏ سرڪاري وينڊرن کي ادائيگيون مرحليوار ڊجيٽل نظام وسيلي ڪيون وينديون ته جيئن مالي نظام وڌيڪ مؤثر بڻجي سگهي، وڏي وزير چيو سنڌ حڪومت خدمتن جي فراهمي جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ شفافيت ۽ جوابدهي جي ماحول کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ انهن اهم سڌارن تي عملدرآمد لاءِ پرعزم آهي.










