ڪراچي مان ڪروڙين روپين جا اسمگل ٿيل سگريٽ ضبط

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) انٽيليجنس ۽ انڪم ٽيڪس اختيارين شيرشاهه ۾ ڇاپو هڻي 1228 پرڏيهي سگريٽن جا اسمگل ٿيل ڪارٽون قبضي ۾ وٺي ڇڏيا آهن. اهي سگريٽ بنا ٽيڪس ادا ڪرڻ جي گهرايا ويا هئا. ٽيڪس اختيارين موجب 6 ڪروڙ 30 لک جي سيلز ٽيڪس ۽ ايڪسائيز ڊيوٽي بڻجي ٿي جيڪا ناهي ادا ڪئي وئي. گودام ۾ سگريٽ ٻاهران گهرائڻ جو ڪو رڪارڊ ناهي. ياد رهي موجوده حڪومت اسمگلنگ روڪڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ ڪاروايون ڪري رهي آهي. ڪجهه وقت اڳ ڪراچي جي طارق روڊ واري علائقي مان اسمگل ٿيل ڪپڙو به پڪڙيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو