ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ قائد آباد پوليس لانڍي دائود چورنگي وٽان ڪارروائي ڪندي خطرناڪ اشتهاري جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.ايس ايس پي ملير انويسٽيگيشن زاهده پروين موجب لانڍي دائود چورنگي وٽ ڪارروائي ڪري هڪ خطرناڪ اشتهاري منشيات فروش کي گرفتار ڪري ورتو.پوليس جو چوڻ آهي ته منشيات فروش جوابدار عارف 10 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ گهربل آهي.جوابدار تي قائد آباد ٿاڻي تي 5 ڪيسن ۾ ڪيس داخل آهي، جوابدار عارف گرفتاري وقت ڪراچي مان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.










