اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ڪيترن ئي سالن کان التوا ۾ پيل ڪراچي-سکر موٽر وي جي تعمير ساڳئي سال 2025ع ۾ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي،وفاقي وزير عبدالعليم خان خاص اجلاس ۾ ڪراچي کان سکر موٽر وي جي تعمير شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي. مواصلات وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ته سنڌ حڪومت کي به ان موٽر وي جي تعمير ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني ويندي،هي موٽر وي ڪراچي پورٽ کان شروع ٿي سکر موٽر وي سان ڳنڍيو ويندو، ڪراچي کان سکر موٽر وي جي تعمير کانپوءِ ملڪ ۾ نارٿ سائوٿ موٽر وي نيٽ ورڪ مڪمل ٿي ويندو، هي موٽر وي ملڪي ترقي خاص ڪري ڪمرشل سامان جي نقل و حمل ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندو، ڪراچي سکر موٽر وي منصوبي کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ طور شروع ڪري سگهجي ٿو،جيڪڏهن پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ نه رهي ته ان هاءِ وي جو خرچ حڪومت پاڻ برداشت ڪندي،ايندڙ 25 سالن ۾ هي موٽر وي حڪومت کي 3000 ارب رپيا منافعو ڏيندو،ڪراچي سکر موٽر وي جو ڪم 2025ع ۾ جلد شروع ٿي ويندو










