ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ اٽي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي، جنهن کانپوءِ اٽي جو في ڪلو اگهه به وڌي ويو آهي.ڪراچي ۾ اٽي جو اگهه 120 کان 125 رپيا في ڪلو وڪرو ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي، جڏهن ته پنجاب ۾ ڪڻڪ جي امدادي قيمت جي اعلان کانپوءِ اٽو وڌيڪ مهانگو ٿي ويو، حڪومتي اٽي جو بحران مارڪيٽ ۾ شدت اختيار ڪري ويو، اٽي مهانگو ٿي ويو.هڪ هفتي اندر 15 ڪلو ٿيلهي جي اگهه ۾ 250 رپين جي واڌ کانپوءِ 1300 رپين مان 1550 رپيا ٿي ويا آهن.ٻئي طرف پشاور سميت خيبرپختونخواهه ۾ اٽو مهانگو ٿي ويو آهي، صوبي ۾ اٽي جي 20 ڪلو ٿيلهي جو اگهه 50 رپيا وڌي 2100 رپيا ٿي ويو آهي.هوڏانهن ڪوئيٽا ۾ اٽي جو 20 ڪلو ٿيلهو 100 کان 2500 رپيا سستو ٿي ويو آهي، هڪ هفتي دوران اٽي جو اگهه 350 رپيا مهانگو ٿي ويو آهي، اٽي جي واپارين اٽي جي اگهن ۾ وڌيڪ واڌ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي.










