ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ نيپا فلائي اوور وٽ ڪارروائي ڪري لکين رپين جي ڦر جي جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو.پوليس موجب گرفتار جوابدار دلاور ۾ 50 لک روپين جي ڦرلٽ ۾ ملوث آهي، جوابدار کي ڳجهي اطلاعن ۽ ٽيڪنيڪل مدد جي مدد سان گرفتار ڪيو ويو، جنهن ۾ وفاقي حساس اداري به شامل آهي.پوليس اختيارين موجب جوابدار 16 نومبر تي بئنڪ مان پئسا کڻي ويندڙن کي سندس ساٿين سان گڏجي ڦر ڪيو هو، جوابدار شاڪر جي ساٿي جي ڳولا جاري آهي، جڏهن ته ٻئي ساٿي ارسلان کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف هنگوريا ڳوٺ ۾ مبينا مقابلي دوران 2 جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، پوليس موجب گرفتار جوابدارن شاهه نور ۽ ارشد وٽان هٿيار ۽ موٽرسائيڪل پڻ هٿ ڪئي وئي آهي.ڪورنگي جي علائقي مهراڻ ٽائون ۾ پوليس مقابلي بعد زخمي جوابدارن سميت 2 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، گرفتار جوابدارن عبدالمالڪ ۽ اسامه وٽان هٿيار ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي.










