ڪراچي جي 6 يو سيز ۾ ٻيهر ڳڻپ جو حڪم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) ڪراچي جي 6 يونين ڪائونسلن ۾ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن، جماعت اسلامي جي درخواستن تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي ڪراچي جي 6 يونين ڪائونسلن تي ٻيهر ڳڻپ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب مومن آباد جي يوسي 3، منگھو پير جي يوسي 12، اوڀر ضلعي جي گلشن واري علائقي جي يوسي 1 ۾ به ٻيهر ڳڻپ ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو