ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان ڪراچي ۽ حيدرآباد جي 3 ضلعن جي ايڊمنسٽريٽرن جا نالا فائنل ڪري ڇڏيا آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪراچي سينٽرل ضلعي لاءِ فرقان عتاب ۽ اوڀر ضلعي لاءِ شڪيل احمد جا نالا فائنل ڪيا ويا آهن.ايم ڪيو ايم ڪورنگي ضلعي لاءِ محمد شريف ۽ حيدرآباد لاءِ فاروق خان کي حتمي شڪل ڏني آهي.ذريعن موجب چارئي ڄڻا ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جا ميمبر آهن، چئني جا نالا سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري کي موڪليا ويا آهن.گورنر سنڌ ايم ڪيو ايم کان مليل نالا سنڌ جي وڏي وزير کي موڪليندو، هڪ ٻن ڏينهن ۾ چئن ضلعن جي ايڊمنسٽريٽرن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.










