ڪراچي جي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ جو شيڊول جاري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)اليڪشن ڪميشن ڪراچي جي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو 9 ۽ 10 جون تي اميدوار نامينيشن فارم جمع ڪرائي سگهندا تفصيل موجب ريجنل اليڪشن ڪميشن ڪراچي نذرعباس شيڊول جاري ڪيو جنهن موجب 9 ۽ 10 جون تي اميدوار نامينيشن فارم جمع ڪرائي سگهندا ۽ 11 جون تي اميدوارن جي ڪاغذن جي اسڪروٽني ٿيندي شيڊول ۾ ٻڌايو ويو ته 12 جون تي رٽرننگ آفيسر جي فيصلي جي خلاف اپيلون داخل ٿي سگهنديون ۽ 13 جون تي اپيليٽ اٿارٽي حتمي فيصلو جاري ڪندي 14 جون تي اميدوارن جي ان جي پارٽي سان تعلق جي آخري لسٽ جاري ٿيندي جيڪا هٿ کڻڻ جي آخري تاري آهي ۽ 15 جون تي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر ڪراچي جي عهدن لاءِ ووٽنگ ٿيندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو