ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ تيز هوائن سان گڏ برسات

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ تيز هوائن سان گڏ برسات

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ طوفان کانپوءِ هلڪي برسات شروع ٿي وئي.گلشن حديد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز هوائن سان برسات جاري آهي، جڏهن ته لانڍي، قائد آباد، ملير ۽ گلشن اقبال ۾ تيز هوائن سان برسات جو سلسلو جاري آهي.ان کان علاوه شارع فيصل، ايئرپورٽ، ملير هالٽ، رفح عام، نارٿ ناظم آباد، نيو ڪراچي، صدر، آءِ آءِ چندريگر روڊ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز برسات جو سلسلو جاري آهي. لياقت آباد، ڪورنگي ۽ قيوم آباد ۾ به برسات جو سلسلو جاري آهي. ياد رهي ته موسميات کاتي ڪراچي ۾ اڄ ۽ سڀاڻي تيز هوائن ۽ تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪئي هئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو