ڪراچي (ويب ڊيسڪ)نيپرا ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين جي بجلي 10 رپيا 80 پئسا سستو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪي اليڪٽرڪ جي ڊسمبر جي فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران اٿارٽي کي بريفنگ ڏني وئي ته ڊسمبر ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي فرنس آئل جو استعمال گهٽ رهيو، فرنس آئل ۽ ايل اين جي جي قيمتن ۾ گهٽتائي، ڪي اليڪٽرڪ جي درخواست موجب، ڪراچي جي صارفين کي 12 ارب رپين کان وڌيڪ جو رليف ملندو.ڪي اليڪٽرڪ جي سي ايف او چيو ته ادارو سولر ۽ ونڊ پاور پراجيڪٽ لڳائڻ تي ڪم ڪري رهيو آهي.ٻڌڻي کانپوءِ چيئرمين نيپرا توصيف ايڇ فاروقي ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين لاءِ بجلي جي قيمت ۾ 10 رپيا 80 پئسا في يونٽ گهٽتائي جو اعلان ڪندي چيو ته ان سان ڪي اليڪٽرڪ صارفين کي 11 ارب رپين جو رليف ملندو. نيپرا موجب بجلي صارفين کي ڊسمبر جي ايڊجسٽمينٽ تحت رليف ڏنو ويو آهي.










