ڪراچي جي جيل مان عورتن ۽ ٻارن سميت 137 افغاني رها

ڪراچي جي جيل مان عورتن ۽ ٻارن سميت 137 افغاني رها

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي مقامي جيل مان عورتن ۽ ٻارن سميت 137 افغان قيدين کي آزاد ڪيو ويو.افغان سڌ سماءَ واري وزارت موجب قيدين کي چمن ذريعي افغانستان پهچايو ويندو.افغان سڌ سماءَ واري وزارت جو چوڻ آهي ته اسلام آباد ۾ افغان سفارتخاني انهن قيدين جي آزادي لاءِ ڪوششون ورتيون.آزاد ٿيل قيدي ٽن بسن ۾ سوار ٿي ڪراچي ۾ امارات اسلاميه جي قونصل جنرل مولوي سيد عبدالجبار جي موجودگي ۾ افغانستان روانا ٿيا.

پهنجو تبصرو موڪليو