ترقياتي رٿائن جي جلد تڪميل سياسي ۽ فوجي قيادت جي ڪوششن جو نتيجو آهي

ترقياتي رٿائن جي جلد تڪميل سياسي ۽ فوجي قيادت جي ڪوششن جو نتيجو آهي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي جو ترقياتي ڪم صوبائي ۽ فوجي قيادت گڏجي ڪيو آهي.صوبائي ڪوآرڊينيشن اينڊ امپليمينٽيشن ڪميٽي جو 11 هون اجلاس سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو.سنڌ جي وڏي وزير جي ترجمان موجب اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، ميئر ڪراچي، ڪور ڪمانڊر ڪراچي، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ ايم نائن ۽ اين فائيو روڊ منصوبن تي غور ويچار ڪيو ويو.ترجمان جو چوڻ آهي ته سنڌ جي وڏي وزير اهو منصوبو آڪٽوبر 2023ع تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.ان موقعي تي ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته پي سي سي آءِ 2020 جي برساتن کي نظر ۾ رکندي قائم ڪيو ويو آهي.هن چيو ته گڏجي ڪم ڪرڻ سان فائدو ٿيو ته ڪم تيزي سان مڪمل ٿيا، مان پوري ٽيم جو شڪر گذار آهيان جو ڪراچي کي بهتر بڻائڻ ۾ سڀني اسان جو ساٿ ڏنو.ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل افتخار بابر چيو ته هي ملڪ ۽ هي شهر اسان سڀني جا آهن، ملڪ جي شهرن جي ترقي ۽ عوام جي ڀلائي اسان سڀني جو فرض آهي.بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ايم 9، اين 5 روڊ منصوبو 22 ڪلوميٽر ڊگهو ۽ 4 لين ڊبل ڪيريج وي آهي، لنڪ روڊ 2 ارب رپين جي لاڳت سان اين 5 کي ايم 9 سان ڳنڍيندو، منصوبي جي 5 هين گرائونڊ تي انٽرسڪشن آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو