ڪراچي جا 95 سيڪڙو روڊ رستا ڪليئر آهن، شرجيل

ڪراچي جا 95 سيڪڙو روڊ رستا ڪليئر آهن، شرجيل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي اطلاعات کاتي واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ٻن ڏينهن ۾ شهر ۾ 400 ملي ميٽر برسات پئي. 95 سيڪڙو علائقن مان پاڻي ڪڍيو ويو آهي، رات دير تائين باقي رھيل علائقن مان برسات جو پاڻي جي نيڪال کي يقيني بڻايو ويندو، مسلسل برساتن ۽ سمنڊ ۾ هائي ٽائيڊ جي ڪري مسئلا وڌيا. هن چيو ته صوبائي وزيرن، چيف سيڪريٽري ، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي سميت ڪي ايم سي ، ڊي ايم سيز، سنڌ سالڊ ويسٽ مينجمينٽ، ضلعي انتظاميا روڊن تي ڪم ڪندي نظر آئي . هن چيو ته تنقيد ڪرڻ وارا تنقيد ڪندا رهندا، سنڌ حڪومت پنهنجو ڪم ڪندي رهندي. جيڪڏهن ٻيهر به برسات پئي ته سنڌ حڪومت روڊن تي ساڳي ريت ڪم ڪندي نظر ايندي.اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪي پي ٽي انڊر پاس ڪلفٽن تي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته مخالفن پاران عملي جي موڪل تي وڃڻ واريون ڳالهيون الزام کانسواءِ ڪجھ ناھن. هر ضلعي ۾ وزير موجود هئا ڪم جي نگراني ڪندا رهيا. هنن جي وڊيوز مون پاڻ ٽوئٽ ڪيون آهن. هن چيو ته ڪلائوڊ برسٽ ٿيا، جنهن ڪري روڊن تي پاڻي موجود هو. سنڌ حڪومت قدرتي نالن ۽ پمپنگ سان پاڻي ڪڍيو. ڪي پي انڊر پاس کي صبح 6 وڳي تائين وزيرن بيهي ڪليئر ڪرايو آهي. سب ميرين انڊر پاس تي ڪم هلندڙ آهي، رات تائين ڪليئر ڪرايو ويندو. وزيراعلٰي سنڌ سيد مراد علي شاهه خود امدادي ڪاررواين جي نگراني ڪري رهيو آهي. وزيراعليٰ سنڌ ڪالهه ۽ اڄ پوري شهر جو دورو ڪيو آهي. هن چيو ته شهر جي 95 سيڪڙو روڊ کليل آهن. اولڊ سٽي ايريا ۾ مسئلو آهي. ڪسٽم هائوس تي پمپنگ جو عمل جاري آهي. هن چيو ته پاڻي مڪمل طور تي ڪڍڻ لاءِ ٽائيم گهربل هو اسان ان گھربل ٽائيم ۾ ڪم ڪري ڏيکاريو. هن چيو ته ٻين صوبن ۽ علائقن جون ويڊيوز سوشل ميڊيا جي مستند اڪائونٽس تان وائرل ڪري پروپيگنڊا ڪئي وئي . جيڪڏهن ڪراچي ٻڏي رهيو آهي ته گاڏيون ڪيئن هلي رهيون آهن.

Photo SID

ھن چيو ته نالن مان ٻوريون ۽ سيمنٽ جا بلاڪ نڪتا آهن، جن جون تصويرون ۽ ويڊيوز موجود آهن، ٻڌايو وڃي ته اها ڪنهن حرڪت ڪئي؟ اها ڪهڙي قسم جي سياست آهي. بدقسمتي سان هتي منفي سياست ڪئي ويندي آهي. صوبائي وزير چيو ته مخالف سوشل ميڊيا تي پنھنجي سياست چمڪائڻ ۽ ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ سياسي نمبر وڌائڻ لاءِ سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪري رھيا آھن. ٻڌايو وڃي ته گوڏن تائين پاڻي شهر ۾ موجود هو، جيڪڏهن سنڌ حڪومت پاڻي ناھي ڪڍيو ته ڪنهن ڪڍيو. وقت لڳو آهي ڇو ته برساتي نالن جي جيتري گنجائش آهي اوتروئي پاڻي ڪڍي سگهن ٿا. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجي حدن ۾ بهترين ڪم ڪيو آهي. بيوروڪريسي، عملي کان وٺي خاڪروب تائين سڀني کي سلام پيش ڪريان ٿو جن ڏينهن رات هڪ ڪري پاڻي جي نيڪال کي يقيني بڻايو. هن چيو ته اسان اهو ڪم ڪري ڪنهن تي احسان ناهي ڪيو اهو حڪومت جي ذميوارين ۾ شامل آهي. اسانجو ڪم ڊرائنگ رومز ويهي تنقيد ڪرڻ ناهي. هن چيو ته ڪي پي ڪي جي جيڪا پي ٽي آِئي ۽ عمران خان حالت ڪئي آهي اها سڀني جي سامهون آهي. هڪ سوال جي جواب هن چيو ته ايم ڪيو ايم اسان جي اتحادي آهي انھن لاءِ احترام آهي، پر بلدياتي چونڊن ۾ وڃڻ لاءِ انهن وٽ ٻيو ڪو ئي چارو ناھي. جيڪڏهن هو تنقيد نه ڪندا ته بلدياتي چونڊن ۾ ڪيئن ويندا. هن چيو ته 2007 جڏهن مصطفٰي ڪمال ميئر هو ان جي دور ۾ 200 ماڻهن جون جانيون ويون، بل بورڊ ڪريا، جيڪا تباهي ڪراچي جي مصطفٰي ڪمال جي دور ۾ ٿي ان جو مثال نه ٿو ملي. هن ڪي ايم سي، ڪي ڊي اي ٻين ادارن ڀرتيون ڪيون. انھن ڀرتي ٿيلن ڇا ڇا نه ڪيو. انھن جا نالا ڪٿان ڪٿان نڪتا. ان جو جواب ڪير ڏيندو. جماعت اسلامي جو به ميئر رهيو آهي. جماعت اسلامي کي مثبت سياست ڪرڻ گهرجي اهي ٻھراڙيءَ جي ملازمن جون ڳالهيون ڪري نفرتون نه پکيڙين. هڪ سوال جي جواب هن چيو ته سنڌ حڪومت گذريل ڏينهن اعلان ڪيو هو ته برساتن ۾ متاثر ٿيل ماڻهن کي رهائش ڏني ويندي. هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جي نا اهلي جي ڪري قيمتي جانيون ضايع ٿيون آهن. سنڌ حڪومت متاثر ٿيل خاندانن کي معاوضو فراهم ڪندي. هن چيو ته معاوضو قيمتي جانين جو نعم البدل نه ٿو ٿي سگهي. هڪ سوال جي جواب هن چيو ته سرجاني، ميمڻ ڳوٺ، گلشن اقبال 13 ڊي وارن علائقن ۾ انتظاميا موجود آهي جلد پاڻي جي نيڪال کي يقيني بڻايو ويندو. ياد رهي ته پي ڊي ايم اي ٻڌايو هو ته جون کان شروع ٿيل برسات سبب سنڌ ۾ 26 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو