مسئلن جي لاءِ ڪنهن سان به ويهي سگهون ٿا؛ وسيم اختر

مسئلن جي لاءِ ڪنهن سان به ويهي سگهون ٿا؛ وسيم اختر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ميئر ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ وسيم اختر چيو آهي ته ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ ڪنهن سان به ويهي سگهون ٿا. چيئرمين پيپلزپارٽي بلاول ڀٽو طرفان ايم ڪيو ايم کي سنڌ ۾ وزارتن جي پيشڪش جي حوالي سان وسيم اختر جو چوڻ هو ته بطور پارٽي ليڊر بلاول ڀٽو کي قدر جي نگاهه سان ڏسندو آهيان سڀ اختيار سنڌ حڪومت وٽ آهن ۽ مسئلن جي حل جي ذميواري به سنڌ حڪومت جي بڻجي ٿي. وسيم اختر وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ سان اتحاد به ڪراچي جي اشوز تي ڪيو ويو پر پي ٽي آءِ ڪراچي جو ڪو به مسئلو حل ناهي ڪيو، جهانگير ترين سامهون به معاملا رکيا ليڪن پي ٽي آءِ طرفان ڪا به ذميواري نظر نه آئي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ۾ شموليت جو حتمي فيصلو پارٽي ڪندي پر ايم ڪيو ايم ڪڏهن به وزارتن جي سياست ناهي ڪئي. وسيم اختر چيو ته وفاقي حڪومت ڪنهن به منصوبي ۾ دير ڪندي آهي ته سنڌ حڪومت پيسا لڳائي ڪراچي جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ اسان سان ڪنهن سان به ويهي نه ٿا سگهون. ٻئي طرف پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر شبلي فراز بلاول ڀٽو جي بيان تي جواب ڏيندي چيو آهي ته لڳي ٿو ته سنڌ حڪومت خطري ۾ آهي. هن جو چوڻ هو ته بلاول ڀٽو ايم ڪيو ايم کي لالچ ڏئي مفادن جي سياست ڪري رهيو آهي. جڏهن ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وفاقي وزيرن طرفان ان حوالي سان ڪا به وضاحت سامهون نه اچي سگهي آهي. ياد رهي ته اهو پهريون موقعو ناهي جو ميئر ڪراچي پي ٽي آءِ طرفان ڪراچي کي نظرانداز ڪرڻ جون شڪايتون ڪيون ويون هجن ان کان پهرين به ڪيترائي ڀيرا اهڙن خيالن جو اظهار ڪري چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو