ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) ڪراچي مان ٽنڊور ذريعي منشيات سعودي عرب اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) جي ترجمان موجب ڪراچي ۾ شارع فيصل تي واقع خانگي ڪوريئر آفيس تي ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي تندور ذريعي منشيات سعودي عرب اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.اي اين ايف ترجمان موجب ڪارروائي دوران جده موڪليل تندور مان جذب ٿيل برف هٿ ڪئي وئي آهي.اي اين ايف جي ترجمان ٻڌايو آهي ته 6 تندور مان 56 ڪلوگرام جذب ٿيل برف هٿ ڪيو ويو آهي.ڪوريئر ذريعي سامان موڪليندڙ جوابدار کي به گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن ان ڳالهه جي به تصديق ڪئي آهي ته وڌيڪ 5 تندور بس ذريعي ڪراچي پهچن ٿا.سهراب ڳوٺ مان 2 تندور ۽ لياري مان 3 تندور هٿ ڪيا ويا آهن، 11 تندور مان 88 ڪلو 500 گرام برف هٿ ڪيو ويو آهي.اي اين ايف ترجمان جو اهو به چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار منشيات جي پارسل ڪيس ۾ اڳ به راولپنڊي کي گهربل آهي.










