ڪراچي بار پاران مراد شاهه کي اعزازي ميمبر شپ ڏيڻ جو اعلان

ڪراچي بار پاران مراد شاهه کي اعزازي ميمبر شپ ڏيڻ جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي بار ايسوسيئيشن سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي اعزازي رڪنيت ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي بار ايسوسيئيشن کي اڄ اعزازي رڪنيت ڏني وئي، مان سمورن چونڊيل عهديدارن ۽ ميمبرن کي مبارڪباد ڏيان ٿو.هن چيو ته هو ڪراچي بار جي ڪابينا سان فنڊز، ميڊيڪل ۽ ٻين معاملن تي ملاقات ڪندو، آئين جي پاسداري هر ڪنهن جو فرض آهي.مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته وڪيلن جي حقن جي تحفظ لاءِ ڪوششون جاري آهن، وڪيلن جي علاج جي سهولتن جي حوالي سان ڪيترن ئي قدمن تي غور ڪيو پيو وڃي.سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هو وڪيلن لاءِ هائوسنگ پراجيڪٽ ٺاهڻ لاءِ جلد مشاورت ڪندو، ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستي کي يقيني بڻائڻ لاءِ وڪيل تنظيمن جي سهڪار سان ڪوششون جاري رکيون وينديون.هن چيو ته ايگزيڪيوٽو، پارليامينٽ ۽ عدليه آئين جي حفاظت ۽ دفاع جو حلف کڻن ٿيون، آئين ۽ قانون جي پاسداري سڀني تي لازمي آهي، آئين جي تحفظ لاءِ وڪيل برادري جو ڪردار هميشه ساراهه جوڳو رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو