ڪراچي ايندڙ سليپر بس کي  M5 موٽر وي تي حادثو، 20 مسافر فوت

ڪراچي ايندڙ سليپر بس کي M5 موٽر وي تي حادثو، 20 مسافر فوت

سکر (اسٽاف رپورٽر)موٽر وي ايم 5 تي بهاولپور ويجهو ٽينڪر سان ٽڪر ٿيڻ کانپوءِ لاهور کان ڪراچي ايندڙ سليپر بس کي باهه لڳي وئي. آخري اطلاعن تائين حادثي ۾ 20 ڄڻا فوت جڏهن ته 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، حادثي واري هنڌ موٽر وي ايم 5 ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين بند رهي. هاءِ وي اختيارين موجب ملتان سکر هاءِ وي تي تيز رفتاري دوران آئل ٽينڪر سان دائو سليپر بس ٽڪرائجي وئي. موٽر وي پوليس ترجمان موجب آئل ٽينڪر ۽ بس ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ باهه لڳي وئي. حادثي جو اطلاع ملندي ئي موٽر وي پوليس جا اهلڪار واقعي واري هنڌ پهچي ويا. مقامي پوليس ۽ ريسڪيو 1122 جون ٽيمون پڻ موقعي تي موجود هيون. باهه ايتري ته تيز ۽ خوفناڪ هئي جو پري کان نظر اچي رهي هئي.موٽر وي جي ترجمان موجب، سڙي ويل گاڏين مان اڪثر مسافرن کي زنده ڪڍيو ويو، جن کي فوري طور تي ويجهي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو. امدادي ٽيمن کي باهه وسائڻ ۾ ڪيترائي ڪلاڪ لڳي ويا.پوليس فوتين جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي تعلقي اسپتال پهچايو.ترجمان موجب آءِ جي خالد محمود جي هدايتن تي موٽر وي پوليس ايمرجنسي ڪراسنگ سينٽر قائم ڪري ڇڏيو آهي. ايمرجنسي آپريشن دوران ڊي آءِ جي شاهد جواد به موقعي تي موجود هو. موٽر وي پوليس سڙيل بس مان 9 مسافرن کي باحفاظت ٻاهر ڪڍيو، پوليس فوتين جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي تعلقي اسپتال پهچايو.

پهنجو تبصرو موڪليو