ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ڪارروائي دوران اي ايس ايف اهلڪارن هڪ کي جيب ڪتري کي پڪڙيو ويو، ايئرپورٽ ذريعن موجب جوابدار عبدالجبار ان کان اڳ ڪراچي ايئرپورٽ تي مسافرن جا پاڪيٽ چوري ڪرڻ ۾ ملوث هو، جڏهن ته جوابدار تي ڪراچي ايئرپورٽ تي موبائل فون چوري ڪرڻ جو به الزام آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته اي ايس ايف جي ٽيم سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي مدد سان جوابدار جي نگراني ڪندي رهي، جوابدار مسافر جي کيسي تي هٿ ڦيريندي ئي رنگي هٿان گرفتار ٿي ويو.ايئرپورٽ تي اي ايس ايف اهلڪارن جوابدار عبدالجبار کان پڇا ڳاڇا ڪئي، جوابدار کي وڌيڪ ڪارروائي لاءِ ايئرپورٽ پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.










