ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)عبدالله شاهه غازي ڳوٺ بلاڪ E تي مسلسل انڪروچمينٽ پوليس جي چڙهائي ڳوٺاڻن تي تشدد فائرنگ ۽ شيلنگ جي واقعن بعد قومپرست اڳواڻن صحافين مٿان ڪوڙن ڪيسن بعد جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنهل ساريو، سرفراز ميمڻ، وقار ملاح غازي ڳوٺ متاثر ڳوٺاڻن جي ڪيمپ تي ڪانفرنس ڪئي ان موقعي تي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته غازي ڳوٺ واقعي تي وزير اعلي سنڌ پاران ورتل وقتائتي نوٽيس کي بهتر قدم سمجهون ٿا جنهن نوٽيس وٺي ملوث اهلڪارن کي فوري طور معطل ڪري انڪوائري جو حڪم ڏنو آهي هن چيو ته ڪراچي اندر سنڌي وسندين کي مسمار ڪرڻ بند ڪيو وڃي سنڌ اسان جي آهي هتي ڌارين پناهگيرن کي تحفظ ڏئي ڌرتي ڌڻين کي بي دخل ڪيو وڃي ٿو جنهن جي مذمت ڪيون ٿا، هن مطالبو ڪندي چيو ته وڏو وزير سنڌي وسندين جي تحفظ خاص طور تي غازي ڳوٺ جي بچاء لاء نوٽيس جاري ڪري ته مستقبل ۾ ڪا به ڪاروائي نه ڪئي ويندي، پوليس ڪاروائي دوران مسمار ڪيل جاين جو معاوضو ادا ڪيو وڃي، پوليس تشدد فائرنگ دوران زخمي ٿيل ڳوٺاڻن عورتن ٻارن سميت جن جو به جيڪو خرچ ٿيو آهي اهو حڪومت ادا ڪري، غازي ڳوٺ معاملي دوران ادارن پاران جيڪي به ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن اهي فوري طور تي ختم ڪيا وڃن پوليس پاران مسلسل انتقام ۾ ڳوٺاڻن سميت اسان مٿان ڪيس داخل ڪيا ويا آهن جنهن جو مثال ڪالھ داخل ٿيل ايف آئي آر جو آهي ته جڏهن اسان خيرپور ۾ آديش ڪمار جي بازيابي لاء لڳايل ڌرڻي واري ڪيس ۾ اي ٽي سي ڪورٽ ۾ خيرپور شنوائي تي هئاسين ته خبر پئي ڪراچي ۾ مون سميت 22 ماڻهن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جيڪو بي بنياد آهي هن چيو ته اهي مطالبہ تسليم ڪيا وڃن وڏو وزير لفظي نوٽيس وٺڻ بدران ان تي عمل ڪرائي غازي ڳوٺ رهواسين سميت ڪراچي جي سنڌي وسندين جي رهواسين جي بي چيني ختم ڪري، هن چيو ته روينيو جا ڪرپٽ ڪامورا ۽ پوليس ملي ڀڳت ڪري ڳوٺاڻن کي مسلسل هڪ مهيني کان حراسان ڪرڻ واري عمل جو وڏي وزير کي ازالو ڪرڻ گهرجي.










