ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ کير جو اگهه 200 رپيا مهانگو ڪرڻ تي مختلف علائقن ۾ کير وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروايون ڪندي لکين رپيا ڏنڊ ۽ ڪيترائي دڪان سيل ڪيا ويا.ڪمشنر ڪراچي جي پرائس ڪميٽي شهر ۾ کير جو سرڪاري اگهه 120 رپيا في ليٽر مقرر ڪيو آهي پر شهر ۾ کير سرڪاري اگهه کان 80 رپيا وڌيڪ مهانگو وڪرو ٿي رهيو آهي.ريٽيلرز ايسوسي ايشن جي اڳواڻ خليل احمد چيو ته وڌيڪ اگهه تي کير وڪرو ڪرڻ تي 10 لک رپيا ڏنڊ لڳايو ويو، 20 دڪان سيل ڪيا ويا ۽ ڪيترن ئي دڪاندارن کي حراست ۾ ورتو ويو.ڊيري فارمرز ايسوسيئيشن موجب انتظاميا رات دير سان بهنس ڪالوني مان کير جون ڪيتريون ئي گاڏيون ضبط ڪيون.ان سلسلي ۾ ڪيٽل فارمرز ايسوسيئشن جي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته ڪمشنر ڪراچي کي کير جي پيداواري لاڳت گهٽائڻ لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي ڇو ته کير جي اگهن ۾ واڌ جي ذميواري ڊيري فارمرز تي آهي.ٻئي طرف ڪراچي جي علائقي ملير يادن گوڙ ۾ کير جون گاڏيون روڪڻ بابت ڊي سي آفيس جو عملو نه پهچڻ سبب ڪارروائي عمل ۾ نه اچي سگهي. پوليس اهلڪارن جو چوڻ هو ته اسان کي حڪم مليو هو ته ڊي سي آفيس جو عملو کير جي اگهن ۾ واڌ خلاف ڪارروائي لاءِ ايندو، پر ڪجهه دير گاڏين کي روڪڻ بعد به عملو نه آيو، جنهن ڪري کير جون ٽرڪون کولڻ جي اجازت ڏني وئي.










